گڏيل قومون-27 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم عيدالاضحيٰ تي ڪشميري عوام کي پنهنجي حقِ خوداراديت لاءِ ڪيل جرئتمنداڻي جدوجهد کي خراجِ تحسين پيش ڪن??ي سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالالضحيٰ جون م??ارڪون ڏنيون آهن. هن آمريڪا ۾ 28 جون تي عيدالضحيٰ جي موقعي ??ي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عيد جي موقعي تي اسلام جي ناقابل اصولن موجب انهن سمورن فردن جي حمايت ۽ انهن سان يڪجهتيءَ ??و اظهار ڪيو وڃي جيڪي جنگ، وبا، استحصال ۽ غير ملڪي قبضي ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته هيءَ عيد ڄمون ڪشمير ۾ اسان جي بهادر ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻي جي??ي پنهنجي آزادي ۽ حق خوداراديت لاءِ بي پناهه قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اچو اسان هن عيد تي عالمي سطح تي بُک کي ختم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ عدم مساوات، ناانصافي ۽ اڻبرابريءَ واري سلوڪ کي ختم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. هن سمورن م??لمانن کي عيدالاضحيٰ جون م??ارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهش جو به اظهار ڪيو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي جو ڪشميري عوام جي جدوجهد تي خراجِ تحسين پيش، مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ