نيويارڪ-30 نومبر (اي پي پي) آفريقي يونين ۽ گڏيل قومن آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي وڌندڙ غير آئيني تبديلي جي م??مت ڪئي آهي. چين جي خابرو اداري موجب هي گڏيل مذمت ستين اي يو – يو اين سالياني ڪانفرنس کانپوءِ جاري پڌرائي ۾ ڪئي وئي جيڪا گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ۽ آفريقن يونين (اي يو) ڪميشن جي چي??رپرسن موسي فاڪي مهمت جي سربراهي ۾ نيويارڪ ۾ منعقد ٿي هئي. گڏيل پڌرائي ۾ آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي وڌندڙ غير آئيني تبديلين جي م??مت ڪئي وئي ۽ برڪينا فاسو، گبون، جمهوريه گني، مالي نائجر ۽ سوڊان ۾ آئيني حڪمن جي وقت سر ۽ پرامن بحالي تي زور ڀريو ويو. ڪانفرنس ۾ آفريقا کنڊ ۾ امن ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ لاءِ ميمبر ملڪن جي مقصدن جي حمايت لاءِ ??ڪر??رن جي اثرائتي روڪٿام، امن قائم ڪرڻ، امن آپريشنز ۽ پائيدار ترقي جي ڪوششن جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ۽ آفريقي يونين ڪميشن جي چي??رپرسن موسي فاڪي مهمت چيو ??ه جهيڙيندڙ ڌرين لاءِ اهو ضروري آهي ته هو ڊگهي م??ي واري جنگ بندي ڪن ۽ ??ڪر??رن جي حل جو ڳالهين ذريعي رستو ڳولين.
آفريقي يونين ۽ گڏيل قومن پاران آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي غير آئيني تبديلي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری