گڏيل قومون-28 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ??رتي کي زنده رهڻ جي قابل بڻائي رکڻ جي عا??مي ڪوششن جي سلسلي ۾ پلاسٽڪ سان ??دلاڻ جي خلاف قدمن ۽ ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ جي عزم جي تجديد ڪئي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ۾ زيرو ويسٽ جي عا??مي ڏينهن (گندڪچري ۾ پلاسٽڪ جو خاتمو) جي مناسبت سان ترڪيه جي مشن، گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام (يو اين اي پي) ۽ گڏيل قومن جي هيومن سيٽلمينٽس پروگرام يو اين ه??بيٽيٽ جي انتظام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ???? پلاسٽڪ سان ??دلاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ جا منصوبا آهن. هي ڏينهن عا??مي سطح تي گندڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي انتظام کي سگهه ڏيڻ جي اهميت ۽ استعمال ۽ پيدوار جي پائيدار نمونن کي هٿي ڏيڻ جي اجاگر ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي چيو ته اسان ??لاسٽڪ مان ??دلاڻ جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ليونگ انڊس انيشيٽو جي مجموعي فريم ورڪ تحت سنڌو درياءُ ويجهو واقع شهرن ۾ پيدا ٿيل گندڪچري ۾ پلاسٽڪ کي ختم ڪرڻ جي منصوبي تي عملدرآمد ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، هن ان سلسلي ۾ جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانس جي قدمن ۽ ترڪيه جي خاتون اول ايمن اردوان جي پيغام ۽ واکاڻ جوڳين ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ان ??دم جي هڪ حصي طور ملڪ جي سنڌ طاس جي شهرن ۾ گندڪچري مان ??لاسٽڪ جو خاتمو ڪيو ويندو، جنهن جي شروعات ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، حيدرآباد، ملتان، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا مان ??يندو. پاڪستاني نمائندي گندڪچرو پيدا ڪرڻ جي عا??مي چئلينج تي روشني وجهندي ميونسپل، ٺوس ۽ خطرناڪ فضلي سميت سالياني پيدا ٿيندڙ گندڪچري جي نمايان ??قدار تي زور ڀريو. هن نمائندن کي ٻڌايو ته پاڪستان 241 ملين ماڻهن جي آبادي سان ??ر سال 30 ملين ميونسپل ٺوس گندڪچرو پيدا ڪري ٿو جنهن مان 10 کان 14 سيڪڙو جي خطرناڪ گندڪچري طور درجه بندي ڪئي ويندي آهي، ان ??انسواءِ پاڪستان دنيا جي مختلف حصن مان ساليانو سراسري 80 هزار ٽن خطرناڪ گندڪچرو وصول ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان خطرناڪ گندڪچري جي انتطام جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ 2022ع ۾ خطرناڪ ويسٽ مينيجمينٽ جي قومي پاليسي به جوڙي آهي. پلاسٽڪ جي ڪچري جي حوالي سان ??اڪستاني نمائندي ٻڌايو ته پاسڪتان ساليانو 3.9 ملين ٽن پلاسٽڪ جو ڪچرو پيدا ڪري ٿو جنهن مان صرف 25 کان 30 سيڪڙو کي مينيج ڪيو ويندو آهي، پلاسٽڪ جي ڪچري جو هڪ اهم حصو تقريبن 164332 ٽن، سڌو درياءُ جي نظام ذريعي هر سال سمنڊ ۾ هليو ويندو آهي. منير اڪرم چيو ته ان روشني ۾ پاڪستان ??لاسٽڪ جي گدلاڻ بابت بين الحڪومتي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جو منتظر آهي، هن سرڪلر اڪنامي کي هٿي ڏيڻ جي اهميت، گند ڪچري جي انتظام لاءِ سماجي روين، مالي وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو، هن گندڪچري ۾ گهٽتائي، ٻيهر استعمال ۽ ري سائيڪلنگ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاليسي مداخلتن جي مرڪزي جزي طور گڏيل زميواري جا اصول لاڳو ڪرڻ تي به زور ڀريو.
گڏيل قومن ۾ تقريب کي پاڪستاني نمائندي جو خطاب، پلاسٽڪ سان گدلاڻ خلاف قدم، ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ جي عزم جي تجديد
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک