برسلز _15 آڪٽوبر (اي پي پي )يورپي يونين ايراني اختيارين ۽ ايران ايئر لائينز سميت ڪيترن ئي ادارن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران تي پابندين جو سبب روس کي يوڪرين خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ ميزائلن ۽ ڊرونز جي منتقلي جو ال??ام بيان ڪيو آهي. يورپي يونين جي پرڏيهي وزير ايران ايئر لائين سميت ستن ادارن، نائب دفاع واري وزير سي?? حمزه غلندري تي پابندين جي منظوري ڏني آهي . يورپي يونين جي سرگرم ملڪن ۾ شامل برطانيه ، فرانس ۽ جرم??ي گذريل مهيني ا??ران تي روس کي ميزائلن جي منتقلي تي آمريڪا وانگر پابنديون لڳايون هيون. يورپي ڪميشن جي صدر ارسولا وان ڊيرلين يورپي بلاڪ طرفان پابندين جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته وڌيڪ پابندين جي ضرورت آهي. ارسولاوان ڊيرلين سوشل ميڊيا جي ا??ڪس اڪائونٽ تي لکيو آهي ته يوڪرين خلاف روس جي جارحيت جي جنگ ۾ ايراني حڪومت جي حمايت قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي ۽ ان کي روڪڻ گهرجي.
يورپي يونين ايران تي پابنديون لڳائي ڇڏيون
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا