اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف دهشتگردي جي متاثرين جي لاءِ ٺوس پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪا ما??جي ويندڙن جي خاندانن جي لاءِ آمدني، تعليم ۽ روزگار جو پئڪيج رکندڙ هجڻ گهرجي. هن اها هدايت وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ وفاقي ڪابينا ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي ۾ ما??جي ويلن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي متاثرين جي لاءِ ٺوس پاليسي جوڙي وڃي، اها پاليسي ما??جي ويلن جي خاندانن لاءِ ٺوس آمدني، تعليم ۽ روزگار جو پئڪيج رکندڙ هجڻ گهرجي، اها پاليسي غور جي لاءِ ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. پاڪ چين اقتصادي لنگهه بابت تفصيلي بريفنگ دوران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پروگرام ۾ شامل منصوبا حڪومت جي اولين ترجيح آهن تنهن ڪري وقت سر اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن.
وزيراعظم پاران دهشتگردي جي متاثرين لاءِ ٺوس پاليسي جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی