اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ ان سان لاڳاپيل پراجيڪٽس ٻنهي ملڪن جي عوامي لاڳاپن جا عڪاس آهن. هن اها ڳالهه چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي نائب وزير زينگ زيائو سونگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزي??اع??م هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزي??اع??م چيو ته ان منصوبي حقيقت ۾ ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن لاڳاپن کي ٺوس معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪيو آهي. وزي??اع??م کيس ٻڌايو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني ڀائرن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ 15 هزار اهلڪارن تي ٻڌل ملٽري ۽ سويلين آرمڊ فورسز جي هڪ خصوصي سيڪيورٽي ڊويزن جوڙي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania