اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 10 هون قومي مالياتي ??ميشن (اين ايف سي) ايوارڊ جوڙي ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت ۾ قائم اين ايف سي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صدر 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل (1) 160 تحت 23 اپريل 2020ع کان 10 هون قومي مالياتي ??ميشن ايوارڊ جوڙي ڇڏيو آهي. وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ اين ايف سي ايوارڊ جو چيئرمين هوندو، سنڌ جو ناڻي وارو وز??ر، پنجاب جو ناڻي وارو وز??ر، بلوچستان جو ناڻي وارو وز??ر، خيبرپختونخواهه جو ناڻي وارو وزير ڪميشن جا ميمبر هوندا، ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار، طارق باجوه (پنجاب)، ڊاڪٽر اسد س??يد (سنڌ حڪومت)، مشرف رسول (خيبرپختونخواهه حڪومت)، جاويد جبار (بلوچستان حڪومت) شامل آهن، ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري اين ايف سي جو سرڪاري ماهر (آفيشل ايڪسپرٽ) هوندو.
صدر 10 هون قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ جوڙي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن