ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ??ه عورت اسپورٽس کي اڄ جيتري حوصلا افزائي ملي رهي ??هي ??ڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي، اڄ وومين ڪرڪيٽرز جي صلاحيت ڏسي حيران رهجي ويس، ر??نديون چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو حوصلو پيدا ڪن ٿيون، ليڊرشپ جون صلاحيتون به وڌن ٿيون، ر??ندين سان ليڊرشپ نڪرڻ جو مثال وزيراعظم عمران خان آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ آل پاڪستان چي?? منسٽر بلوچستان ڊائمنڊ جوبلي ڪوئيٽا گليڊيئر وومين ليگ ٽورنامنيٽ جي فائنل مئچ دوران خطاب ڪندي ڪيو. صدر عارف علوي چي?? ته بلوچستان جي وڏي وزير ٻڌايو ته ٽن سالن ۾ 18 بلين اسپورٽس تي خرچ ڪيا ويا آهن، ايتري وڏي رقم اسپورٽس تي خرچ ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر عارف علوي وڌيڪ چي?? ته راندين سان ڪرپشن جي خلاف ورهڻ جي همت پيدا ٿئي ٿي. صدر چي?? ته هاڪيءَ ۾ به ليگز ٺهن ته هاڪيءَ جي راند ۾ نوجوانن جي دلچسپي وڌندي، هن وقت پاڪستان جي 6 بائولرز جي دنيا ۾ بهترين رينڪنگ آهي. هن چي?? ته هاءِ ڪورٽ پاران عورتن جي وراثت بابت فيصلي جي آجيان ڪريان ٿو، جيڪڏهن اسپورٽس ۾ نوجوانن جي لاءِ رستا کلن ته منشيات مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. بلوچستان جي وڏي وزير جڏهن مون کي اچڻ جي دعوت ڏني ته مون دلچسپي جي ڪري فوري طور تي ها ڪري ڇڏي. تقريب جي آخر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ انعام ورهايا.
عورت اسپورٽس کي اڄ جيتري حوصلا افزائي ملي رهي آهي اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ