اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪورونا وبا جي باوجود گذريل ٽن سالن جي دوران ت??ريبن 11 لک ماڻهن کي ٻا??رين ملڪ روزگار جا موقعا مليا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايند?? ٻن سالن ۾ پوري اميد آهي ته تقريبن 20 لک ماڻهو ٻا??رين ملڪ ويندا، اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻا??رين ملڪ ملازمت لاءِ بيورو آف ??مي??ريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ پاران رجسٽرڊ ڪيل پاڪستاني ورڪرن جي تعداد جي حوالي سان اسٽيٽمنيٽ به شيئر ڪئي جنهن موجب 2019ع کان آڪٽوبر 2021ع تائين ٽن سالن ۾ مجموعي طور تي 10 لک 26 هزار 640 ماڻهن کي ٻا??رين ملڪ روزگار مليو. 2019ع ۾ 6 لک 25 هزار 203 ماڻهن ٻا??رين ملڪ ملازمت حاصل ڪئي. 2020ع ۾ 2 لک 24 هزار 705 ۽ 2021ع ۾ هڪ لک 76 هزار 732 ماڻهن ٻا??رين ملڪ ملازمت تي ويا.
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil