اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سارڪ ۽ والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي تڪرار بابت ڀارتي پرڏيهي وز??رت جي ترجمان جي ڪوڙن دعوائن ۽ تڪراري ريمارڪس کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته سارڪ عمل ۾ ڀارت رڪاوٽ هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي، پاڪستان ڀارتي سازشن جي ڀرپور مخالفت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري امن مخالف ايجنڊا کي بي نقاب ڪندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پنهنجي متعصباڻي روين ۽ چارٽر جي شقن جون خلاف ورزيون ڪندي ڀارت 2016ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ 19 هي?? سارڪ سربراهي ڪانفرنس کي روڪڻ جو ذميوار آهي.
ترجمان چيو ته ڀارت جو جانبداراڻو رويو علائقائي تعاون لاءِ هڪ قابل قدر پليٽ فارم کي تيزي سان غير فعال ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان اميد ڪري ٿو ته ڀارت پنهنجي خود غرضاڻي طرز عمل تي نظرثاني ڪندو ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سارڪ عمل کي اڳتي وڌڻ جي قابل بڻائيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ان جي راهه ۾ ايندڙ هٿرادو رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ته پاڪستان ايندڙ سارڪ سربراهي اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارتي عملدارن پاران ڪو به مبهم ۽ غلط بياني والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جي لڪائي نٿو سگهي.
ترجمان چيو ته ??شم??ري عوام جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي 2018ع ۽ 2019ع ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس پاران جاري ڪيل ٻن ??شم??ر رپورٽن سميت عالمي انساني حقن جي مشينري وڏي پئماني تي دستاويزي شڪل ڏني آهي. ان کانسواءِ پاڪستان عالمي برادري کي والاريل ??شم??ر ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين، ??شم??ري عوام ۽ پاڪستان ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جي باري ۾ ڪيترائي ڊوزيئرز فراهم ڪيا آهن. ترجمان چيو ته ڀارت کي رياستي دهشتگردي کي پاليسي طور استعمال ترڪ ڪرڻو پوندو. پاڪستان ڀارتي سازشن جي ڀرپور مخالفت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري ان جي امن مخالف ايجنڊا کي بي نقاب ڪندو رهندو. ترجمان چيو ته ڀارت کي ??شم??رين جي منصفاڻي، جائز ۽ مقامي جدوجهد جي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو. ڀارت ??شم??ري عوام جي خواهشن جو احترام ??ندي کين گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جو رد نه ڪرڻ جوڳو حق خود اراديت ڏي.