اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخد??م شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ??ڪس??ان بنگلاديش سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي، اها ڳالهه هن پ??ڪس??ان ۾ مقرر بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر رو العالم صديقي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر پنهنجي قيادت پاران پ??ڪس??اني قيادت لاءِ خير سگالي جو پيغام پهچايو، پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪس??ان بنگلاديش سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ٻطرفا لاڳاپا هڪجهڙي عقيدي ۽ ثقافت جي بنياد تي هموار آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پ??ڪس??ان اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن کي و??ائڻ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان بنگلاديش سان گڏ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير پ??ڪس??ان ۽ بنگلاديش جي و?? ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ ا??ليٰ سطحي رابطن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو، پ??ڪس??ان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر رو العالم صديقي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.
پاڪستان بنگلاديش سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری