اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت هڪ ??رت??دد پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان علائقائي امن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو ۽ بالادستي جي ارادن جي ڪري ڏکڻ ايشيائي علائقائي تعاون جي تنظيم (سارڪ) کي فعال ٿيڻ نه ڏئي رهيو آهي. ايوان صدر ۾ سريلنڪا جي بحريه جي ڪمانڊر وائيس ايڊمرل نشانٿا ا??لو??يٽن سان ملاقات ۾ صدر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪيو. هن ٻڌا??و ته ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ هڪ سنگين ڳڻتي جو سبب آهي ۽ بدقسمتي سان ڀارتي حڪ??مت ان کي نظرانداز ڪري رهي آهي. صدر چ??و ته پاڪستان سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ سريلنڪا سان گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سياحت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سريلنڪن بحريه جي ڪمانڊر آجيان ڪندي صدر چ??و ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته ٻنهي ملڪن ۾ ثقافتي تعاون ۽ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي وڏي صلاحيت آهي ڇو ته پاڪستان ۾ ٻڌمت جون ڪيتريون ئي جايون آهن ۽ سريلنڪا جي ٻڌ ڀکشوئن کي مذهبي جاين جي سير جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. سيالڪوٽ واقعي جي مذمت ڪندي صدر سريلنڪا جي هڪ شهري کي بيدردي سان قتل ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چ??و ته حڪ??مت واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي. صدر عارف علوي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ گوادر پورٽ جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪي علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ اقتصادي خوشحالي جو سبب بڻجندا. وائيس ايڊمرل نشانٿا ا??لو??يٽن مشڪلاتن ۾ سريلنڪا جو ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان حڪ??مت جا ٿورا مڃيا. هن سريلنڪن شهري جي بي رحماڻي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف حڪ??مت پاران ڪيل ڪارروائي کي پڻ ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
ڀارت هڪ پرتشدد پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان علائقائي امن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔