اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف مذهبن جي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ٻڌمت سميت عظيم تهذيبن جي قديم آثارن جو مرڪز آهي، مذهبي سياحت جي فروغ جا وسيع ا??ڪا?? موجود آهن، پاڪستان ۾ آثار قديمه جهڙي اهم قومي ورثي جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”سماجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ بابت عالمي ڪانفرنس ۽ آرٽ فيسٽيول: پاڪستا?? ۾ ??ڌمت جي تاريخ، آثار قديمه، فن ۽ فن تعمير“ کي خطاب ڪن??ي ڪيو. ان مو??عي تي قومي ورثي ۽ ثقافت واري پارلياماني سيڪريٽري غزاله سيفي، قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر محمد علي ۽ پرنس ميان گل عدنان به خطاب ڪيو. صدر ٻڌمت جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته پرامن گڏيل بقاءَ لاءِ دنيا ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي ضرورت آهي، ان حوالي سان پاڪستا?? ۾ ??وثر قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته پاڪستان عظيم قديمي تهذيبن جو مرڪز آهي جڏهن ته هتي مختلف مذهبن جا تاريخي مقدس ماڳ به موجود آهن اهو ئي سبب آهي جو پاڪستا?? ۾ ??ذهبي سياحت جي فروغ جا به وسيع ا??ڪا?? موجود آهن. صدر مختلف مذهبن جي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته مذهب ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جو هڪ ذريعو آهي جيڪو انسان کي امن ۽ آشتي جو درس ڏي ٿو، هن چيو ته انسانيت جي بقاءُ امن سان واڳيل آهي اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان سدائين امن جي ڳالهه ڪن??و آهي. ان مو??عي تي صدر آثار قديمه کي اهم قومي ورثو قرار ڏيندي ان جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ان کان اڳ پارلياماني سيڪريٽري غزاله سيفي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، اسان جو ملڪ مضبوط ۽ خوبصورت تاريخي ثقافتي ورثو رکندڙ آهي ۽ مڪمل مذهبي هم آهنگي تي يقين رکي ٿو. قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر محمد علي ڪانفرنس جي شرڪت ڪن??ڙن جي آجيان ڪن??ي چيو ته هي پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪانفرنس آهي ۽ اڳتي سالياني بنيادن تي ان کي منعقد ڪيو ويندو، ٻڌ مت کانپوءِ سک ازم، عيسائيت ۽ هندوازم تي به ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون، هن چيو ته اهڙي طرح جون ڪانفرنسون معاشري ۾ برداشت ۽ مذهبي هم آهنگي جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿينديون جڏهن ته ان سان عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص به اجاگر ٿيندو. ان مو??عي تي پرنس ميان گل عدنان پاڪستا?? ۾ ??ڌمت جي آثار قديمه بابت بريفنگ ڏني. ان مو??عي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگمه ثمينه علوي، ٿائيلينڊ، نيپال، سريلنڪا، جاپان، ملائيشيا ۽ ڪوريا جي سفارتڪارن، غير ملڪي ٻڌ ڀڪشوئن کانسواءِ تعليمي ماهر، سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ ٻيون شخصيتون به موجود هيون. سماجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ بابت عالمي ڪانفرنس ۽ آرٽ فيسٽيول: پاڪستا?? ۾ ??ڌمت جي تاريخ، آثار قديمه، فن ۽ فن تعمير ۾ 50 مقررين خطاب ڪن??ا جڏهن ته 30 عالمي تحقيقي مقاله پيش ڪيا ويندا.
پاڪستان ٻڌمت سميت عظيم تهذيبن جي قديم آثارن جو مرڪز آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados