اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن جي موجب جديد اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻ جي لاءِ ??جت??اعي قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن نظريه پاڪستان ڪائونسل (ٽرسٽ) جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نظريه پاڪستان ڪائونسل جي چيئرمين ميان محمد جاويد پاران صدر کي ٽرسٽ جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ هن ٻڌايو ته ٽرسٽ جو بنيادي مقصد حب الوطني ۽ اسلام جي تعليم کي عام ڪرڻ آهي، ٽرسٽ سڄي ملڪ ۾ پاڪستان کي درپيش مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ مبحاثي ۽ سيمينارز جو انع??اد ڪندو آهي، ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ ??جت??اعي قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي. نوجوان نسل کي نظريه پاڪستان سان روشناس ڪرائڻ جي ضرورت آهي. صدر نظريه پاڪستان اجاگر ڪرڻ، نوجوان نسل ۾ حب الوطني جي جذبي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ٽرسٽ جي ڪوششن کي سا??اهيو.
تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات