اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کنڊ جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ کنڊ جو ذخيرو ۽ قيمت مستح??م رکڻ لاءِ کنڊ جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي ۽ کنڊ جي قيمت کي مستحڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم اسمگلنگ جي خلاف سخت قدمن جو به حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته ذخيرو ڪندڙن، ناجائز منافعو ڪمائيندڙن ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي پنهنج?? حڪمن تي موثر عملدرآمد کان مسلسل آگاهه ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم ??بر??ار ڪيو ته ان سلسلي ۾ غفلت ۽ ڪوتاهي ٿي ته لاڳاپيل آفيسر ۽ عملو ذميد??ر هوندو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ