اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زا??د النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير گڏيل عرب امارات جي نئين چونڊيل صدر شيخ محمد بن زا??د النهيان، النهيان خاندان، يو اي اي جي قيادت ۽ عوام سان شيخ خليفه بن زا??د النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن سان پڻ ت??زيت جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي همت ۽ سگهه جي دعا ڪئي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپنکي مضبوط بڻائڻ ۾ شيخ خليفه جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي ان افسوس جو اظهار ڪيو ته س??دس لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. شيخ خليفه کي خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته قوم ۽ ملڪ جي لاءِ س??دس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پرڏيهي وزير شيخ محمد بن زا??د النهيان جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي نئين صدر طور تي پنهنجون ذ??يو??ريون سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن