اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪري رهي آهي ۽ روزگار جا موقعا ۽ صنعتن جي قيام کي يقيني بڻائي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ستاش گ??وپ جي بورڊ جي صدر محرم يلمز جي سربراهي ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته حڪومت گذريل چئن سالن ۾ سيڙپڪاري جي راهه ۾ آيل رڪاوٽن جو روڪٿام ڪري رهي آهي، هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ۽ صنعتن جي قيام کي يقيني بڻائي رهي آهي، ملاقات ۾ ستاش گ??وپ ترڪي پاران پاڪستان ۾ ڊي??ي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم لاڳاپيل پاڪستاني عملدارن کي ستاش گ??وپ سان ڀرپور تعاون جون هدايتون جاري ڪيون.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados