اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع ??هذب دنيا جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت عالمي ق??نونن، اخلاقيات کي پيرن هيٺان لتاڙيو هو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ?? سڀئي بنيادي انساني حق معطل ۽ ڪشميرين جي مذهبي، سماجي ۽ سياسي حقن تي بدترين پابندي لڳل آهي. مهرين رزاق ڀٽو چيو ته ڀارتي فورسز ڪشميري عورتن سان جنسي زيادتين کي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي. ڪشميري عالمي دنيا، انساني حقن جي عالمي ادارن جي ڌيان جا منتظر آهن. ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. ڪشمير مسئلي جو پرامن حل خطي جي مستقل امن جو ضامن آهي، گڏيل قومون ڪشمير مسئلي بابت پنهنجي ق??اردادن تي عملدرآمد ڪرائين.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی