اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ۽ فني شعبن ۾ سرڪاري آفيسرن جي لاءِ ننڍي مدي وارا تربيتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آه?? ته سرڪاري ملازمن جي صلاحيتن ۾ اضافي سان پاڪستان جي سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ درپيش چ??لي??جن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، آن لائين تربيتي ماڊيولز جي مدد سان اضافي خرچن کانسواءِ سرڪاري ملازمن کي تربيت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي (اين ايس پي پي) جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين به آه??. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال، اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عوام کي خدمتن جي بهتر فراهمي جي لاءِ سرڪاري ملازمن جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت آه??، صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ بهترين عالمي طريقن موجب ت??بيت ڏيڻي پوندي، سرڪاري ملازمن جي صلاحيتن ۾ اضافي سان پاڪستان جي سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ درپيش چ??لي??جن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته تربيت ۾ مصنوعي ذهانت، آن لائين ۽ هائبرڊ طريقن کي استعمال ڪيو وڃي، سرڪاري ملازمن مهارتن ۾ اضافي، وقت سر ۽ صحيح فيصلاسازي جي لاءِ تعليمي ماڊيولز کي اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته آن لائين تربيتي ماڊيولز جي مدد سان اضافي خرچن کانسواءِ سرڪاري ملازمن کي تربيت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. صدر خصوصي ۽ فني شعبن ۾ سرڪاري آفيسرن جي لاءِ ننڍي مدي جي تربتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير احسن اقبال اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي وائيس چيئرمين به آه??، هن چيو ته بيوروڪريسي پاران مجموعي طور تي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آه??، ڏورانهن علائقن ۾ مقرر آفيسرن کي مختصر ۽ ڊگهي مدي واري معياري تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي تي ٻڌل پليٽ فارم متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آه??. منصوبابندي واري وفاقي وزير پاران نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي طرز تي اين ايس پي پي کي ڊگري جاري ڪرڻ واري اداري ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي. بورڊ آف گورنرز اجلاس ۾ پيش ڪيل ايجنڊا آئٽمز تي پڻ فيصلا ڪيا. اين ايس پي پي ۾ گريڊ 18 جي آفيسرن جي لاءِ مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس، گريڊ 19 جي آفيسرن جي لاءِ سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس ۽ گريڊ 20 جي آفيسرن جي لاءِ نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس منعقد ڪرائي ٿي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ پاليسي اين ايس پي پي جو پبلڪ پاليسي بابت ريسرچ انسٽيٽيوٽ آه??، ان جو مقصد پاڪستان جي گهڻ رخي ۽ سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ حڪومت جي وسيع ۽ اڀرندڙ چ??لي??جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاليسي ريسرچ ۽ مڪالمي جي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آه??.
صدر پاران خصوصي ۽ فني شعبن ۾ سرڪاري آفيسرن جي لاءِ ننڍي مدي وارا تربيتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado