اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان پاڪستان ۾ جمهوريه قازقستان جي سف??ر يرزان ڪستافين سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. اين ڊي ا??م اي چيئرمين جمهوريه قازقستان طرفان وزيراعظم رليف فنڊ لاءِ عطئي تي شڪريو ادا ڪيو. هن ايندڙ سردي جي موسم دوران ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد جاري رکڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ٻوڏ 2022ع ۾ پاڪستان جي قومي ڪوششن جي صلاحيت وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آفتن جي خاتمي، آگاهي، تياري ۽ رليف، ريسڪيو ۽ بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي مرحلن ۾ وڌيڪ ٻطرفي ۽ گهڻ رخو علائقائي تعاون قائم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو. قازقستان جي سف??ر تجويز پيش ڪئي ته قازقستان جي ا??مرجنسي ريسپانس جي وزير ۽ اين ڊي ا??م اي چيئرمين وچ ۾ شروعاتي آن لائين ملاقات بعد گڏيل تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ لاءِ قازقستان جي اعليٰ سطحي نمائندن جي وفد جو پاڪستان جي دوري جو اهتمام ڪيو ويندو.
اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان قازقستان جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری