اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي پاران ??اگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 15 ڏينهن جي اندر ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان ??يت المال جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي پاران ??اگرد جي مارڪ شيٽ ۽ ڊگري روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن يونيورسٽي کي 15 ڏينهن جي اندر شاگرد کي ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر پاڪستان ??يت المال کي متاثر شاگرد جي شڪايت جو ازالو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. شاگرد کي وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ پاڪستان ??يت المال جي وچ ۾ ضابطي جي ڪارروائي ۾ دير جي ڪري مارڪ شيٽُون ۽ ڊگري نه پئي ڏنيُون ويُون. صدر چيو ته ليٽ فيس جي ادائيگي جي معاملي کي حل ڪرڻ بدران يونيورسٽي غيرمنصفاڻي طور تي شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪيون، پاڪستان ??يت المال پاران فيس سڌوسنئون يونيورسٽي کي ادا ڪئي ويندي هئي، ادائيگي ۾ شاگرد جو ڪو عمل دخل نه هو. صدر چيو ته يونيورسٽي کي چڱي ريت معلوم هو ته شاگرد احساس اسڪالرشپ پروگرام تحت تعليم حاصل ڪري رهيو هو، شاگرد عبادالرحمان (شڪايت ڪندڙ) بي بي اي جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب کي اپيل ڪئي هئي. يونيورسٽي 122500 رپين جي رهتن جي ادائيگي ??ه ڪرڻ جي ڪري ڊگري روڪي هئي. وفاقي محتسب شاگرد جي حق ۾ فيصلو ڪندي بيت المال کي معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، بيت المال ف??صلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو.
صدر پاران وفاقي اردو يونيورسٽي پاران شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی