اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ??اڪستان جنيوا ۾ ٿيندڙ ”انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان“ ۾ اسٽريٽجڪ ??ال??سي ۽ ترجيحي دستاويز تي ٻڌل ريزيليئنٽ، ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) پيش ڪندو، ڀارت جو مسلسل پاڪست??ن مخالف بيانيو پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ ان جي ڍٽائي س??ن ملوث هجڻ کي لڪائي نه ٿو سگهي، ٻين تي آڱريون کڻڻ بدران ڀارت کي پاڻ دهشتگردي، تخريبڪاري ۽ پاڪستان جي خلاف جاسوسي ۾ ملوث ٿيڻ کي بند ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ??اڪستان 9 جنوري تي جنيوا ۾ ٿيندڙ ”انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان“ ۾ اسٽريٽجڪ ??ال??سي ۽ ترجيحي دستاويز ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) پيش ڪندو، آر ايف 4 پاڪستان حڪومت جي هڪ اسٽريٽجڪ ??ال??سي ۽ ترجيحي دستاويز آهي جيڪو تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ريزيليئنٽ ماحول پيدا ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪندو، ان ۾ بعد از قدرتي آفت جائزي جي بنياد تي نتيجا اخذ ڪيا ويا آهن، ان ۾ چار اسٽريٽجڪ مقصدن جي چوگرد شعبن ۾ ترتيب ۽ ترجيحيون پيش ڪيون ويون آهن. هن چيو ته آر ايف 4 دستاويز ۾ ??ال??سي فريم ورڪ، مالياتي حڪمت عملي ۽ نفاذ ۽ نگراني جو طريقيڪار پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان کليل، شفاف ۽ گڏيل تعاون سان ان کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ اداراجاتي انتظام پڻ شامل آهن. هن چيو ته ??زيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جي گڏيل صدارت ۾ اهو اعليٰ سطحي افتتاحي اجلاس ٿيندو جتي مختلف ملڪن جا اڳواڻ ان جي حمايت ۾ خطاب ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪانفرنس ۾ پنهنجي خطاب ۾ موسمياتي ريزيليئنٽ، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ پاڪستان جي ويزن جو خاڪو پيش ڪندو. هن چيو ته ??ي ڪانفرنس پاڪستان جي ٻوڏ ک??ن متاثر ماڻهن جي لاءِ عالمي برادري جي مسلسل حمايت جو مظهر هوندي. ڀارتي پرڏيهي وزير پاران پاڪستان تي بي بنياد ۽ فضول الزامن جي سلسلي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اهي بيان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ ۾ ناڪامي تي ڀارت جي وڌندڙ مايوسي جي عڪاسي ڪن ٿا، پاڪستان سان ڀارت جو جنون ناقابل فهم ۽ کل جوڳو آهي، ڀارت جو مسلسل پاڪست??ن مخالف بيانيو پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ پنهنجي ڍٽائي س??ن ملوث هجڻ کي لڪائي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي اهو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي حقيقت کي لڪائي سگهي ٿو. هن چيو ته ??ين تي آڱريون کڻڻ بدران ڀارت کي پاڻ دهشتگردي، تخريبڪاري ۽ پاڪستان جي خلاف جاسوسي ۾ ملوث ٿيڻ کي بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??هرين جنوري تي پاڪستان ۽ ڀارت ائٽمي تنصيبات ۽ تنصيبات جي فهرستن سان گڏوگڏ هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. 2022ع دوران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪندي ترجمان چيو ته ڀارتي فورسز مبينا طور تي 214 ڪشميرين کي قتل ڪيو، انهن مان 57 حراست ۾ آهن يا فرضي مقابلن ۾ شهيد ڪيا ويا، رڳو گذريل هفتي ڄمون جي سڌرا ڳوٺ ۾ هڪ فرضي مقابلي ۾ 4 ماڻهو شهيد ڪيا ويا، اهڙا ئي اطلاع آهن ته ??اشن کي سڃاڻڻ کانسواءِ ساڙيو ويو، اسان انساني حقن جي عالمي مشينري ۽ تنظيمن ک??ن مطالبو ڪريون ٿا ته اهي ان سانحي جو نوٽيس وڍن. تازن انگن اکرن موجب 4000 کان وڌيڪ ڪشميري والاريل واديءَ ۽ ڀارت جي مختلف جيلن ۾ قيد آهن. هن چيو ته ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياسي قيدين ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪنن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ انهن کي قيد ۾ رکيو پيو وڃي، مزاحمتي اڳواڻ جن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم ڀٽ، محمد ياسين ملڪ، شبير احمد شاهه، نعيم احمد خان، آسيه اندرابي ۽ انساني حقن جي ناليواري اڳواڻ خرم پرويز جعلي ڪيسن ۾ مسلسل نظربند رهيا، 2002ع ۾ ڪشميرين کي مذهبي آزادي ۽ اجتماع جي حق جو استعمال ڪرڻ کان به روڪيو ويو هو ڇو ته ڀارتي عملدارن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مذهبي اجتماعات ۽ جمعي جي نماز تي بار بار پابندي هنئي، انهن حقن کي ياد رکڻ خاص طور تي اهم آهي اڄ جڏهن اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. هن افسوس ظاهر ڪيو ته ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير جا مظلوم ماڻهو ان حق کي استعمال نه ڪري سگهيا، هي ڏينهن عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان 74 سال اڳ ڪيل پنهنجي واعدي کي پورو ڪرڻ ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ جي ضرورت جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته ??اڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي بنا ڪنهن فرق اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان جنيوا ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ ريزيليئنٽ، ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ پيش ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔