اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات ڪئي ۽ کيس عالمي مالياتي فنڊ (آءِ اي?? ايف) سان ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ اتفاق راءِ کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آءِ اي?? ايف سان معاهدي تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ يقين ڏياريو ته رياست پاڪستان حڪومت پاران آءِ اي?? ايف سان ڪيل واعدن تي قائم رهندي. وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت هڪ آرڊيننس ??اري ڪري ٽيڪسن جي ذريعي اضافي روينيو گڏ ڪرڻي چاهي ٿي. صدر مشورو ڏنو ت?? ان اهم موضوع تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ وڌيڪ مناسب هوندو ۽ فو??ي ??ور تي اجلاس گهرايو وڃي ته جيئن بل کي بنا دير قانون بڻائي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش