اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي بحالي جي حوالي سان پ??ڪس??ان پاران ريليف ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آ??اهه ڪندي ٻڌايو ته ترڪيه جي لاءِ مجموعي طور تي 69 اڏامن جي ذريعي 2686 ٽن خيما روانا ڪيا ويا آهن جڏهن ته 2597 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام کي سامونڊي جهازن جي ذريعي موڪليو ويو. وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي 50 هزار خيما تيار ڪرايا آهن جن ۾ ف??ئر پروف خيما پڻ شامل آهن. اين ڊي ايم اي هيستائين 26 خ??وصي اڏامن جي ذريعي 36402 سردي جي موسم جا خيما ترڪيه موڪليا ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا