باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ??ذر??ائيجان جي قيادت ٻنهي ملڪن جي حصيداري عمل کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ روس کانپوءِ ??ذر??ائيجان مان ايندڙ مهيني کان رعايتي ايل اين جي ڪارگو پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا. ??ذر??ائيجان ڪابينا ??ذر??ائيجان کان ايل اين جي پاڪستان آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ??ذر??ائيجان جي صدر الهام عليوف سان باڪو ۾ ملاق??ت ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کي اها خوشخبري ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڇهن مهينن کان ان ڊيل تي ڪم ڪري رهيو هو. وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ان ڊيل تي باضابط?? عملدرآمد شروع ٿي ويندو. ??ذر??ائيجان جي قومي ايل اين جي ڪمپني هر مهيني رعايتي قيمت تي هڪ ايل اين جي ڪارگو پاڪستان موڪليندي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ??ذر??ائيجان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ، دفاع، سيڙپڪاري ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ??ذر??ائيجان پاڪستان جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ?? تعاون ڪندو، ??ذر??ائيجان پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ مدد ڪندو، ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ۽ ??ذر??ائيجان جي ڪمپني سوڪار حڪومت سان حڪومت جي سطح تي پاڪستان جون توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. ??ذر??ائيجان پاڪستان مان ايندڙ چانور تي درآمدي ڊيوٽي جي ڇوٽ جي ٺوس نظام جي تياري تي اتفاق ڪيو. ??ذر??ائيجان جي صدر چيو ته ??ذر??ائيجان اڳ ۾ ئي پاڪستان مان درآمدي چانور تي امپورٽ ڊيوٽي جي ڇوٽ ڏئي چڪو آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ??ذر??ائيجان جي آذر ايئرلائين اسلام آباد ۽ ڪراچي جي لاءِ ٻه اڏامون هلائيندي، شمسي توانائي جي شعبي ۾ ??ذر??ائيجان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندو، دفاع جي شعبي ?? تعاون کي وڌائڻ تي پڻ ٻنهي ملڪن جي قيادت ۾ اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان دنيا جو ٻيو ملڪ هو جنهن آزادي کانپوءِ ??ذر??ائيجان کي سڀ کان اڳ تسليم ڪيو هو. پهرين مارچ 2017ع تي اي سي او اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر الهام عليوف دفاعي مصنوعات گهرائڻ جي تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي قيادت پاران ٻنهي ملڪن جي حصيداري عمل کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق، وزيراعظم شهباز شريف جي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں