اسلام آباد ??? 21 ??? ج??ن (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي دوري تي پيرس پهچي ويو. پيرس ايئرپورٽ تي پاڪستاني سفير، اعليٰ فرانسيسي عملدارن ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي فرانس جي دوري جي دوران گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي س??بر??هي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. فرانس جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ان س??بر??هي اجلاس ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جا ملڪي ۽ حڪومتي س??بر??هه شرڪت ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير شيري رحمان، سردار اياز صادق، مريم اورنگزيب ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان اعليٰ سطحي وفد ۾ گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم فرانسيسي صدر پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران مختلف ملڪن جي س??بر??هن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي دوري تي پيرس پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha