اسلام آباد -20 جون (اي پي پي) پاڪستان عالمي برادري کي ٻڌايو آهي، ته ڀارت ۾ مسلمانن خلاف رياستي سرپرستي ۾ نفرت انگيز تقريرون ۽ نسل ڪشي جا مطالبا انتهائي بلند سطح تي پهچي چڪا آهن، انهي لاءِ مسلمانن خلاف ان مهم کي ختم ڪرڻ لاءِ عالمي برادري ڪردار ادا ڪري. گ??يل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم نفرت انگيز تقريرن خلاف ٻئي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقرير ۾ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن خلاف رياست جي سرپرستي ۾ نفرت انگيز تقرير ۽ مسلم نسل ڪشي جا مطالبا وبائي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن. هن نسل ڪشي ۽ قتل جي روڪٿام واري اداري جينو سائيڊ واچ جي سربراهه گريگوري اسٽينٽن جي هاڻوڪي وارننگ طرف ڌيان ڇڪايو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۽ آسام سميت ڀارت جي ٻين حصن ۾ نسل ڪشي جي امڪانن جي باري ۾ آهي. پاڪستاني سفير چيو ته عالمي برادري کي هاڻي ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن جي اسل??مو فوبڪ ۽ عيسائي مخالف مهم کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. اها افسوسناڪ ڳالهه آهي ته انساني حقن جا علمبردار شڪي جاگرافيائي سياسي مقصدن جي خدمت ۾ وڏي پئماني تي قتل و غارت ۽ سنگين ظلم جي ذميوارن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستان کي ان ڳالهه تي ڳڻتي آهي، خاص طور تي عالمي سطح تي زينو فوبيا (پرڏيهين سان نفرت) نسلي ۽ مذهبي عدم رواداري ۽ اقليتن خلاف اڻبرابري جو سلوڪ ۽ تشدد جون ڪارروائيون اسل??مو فوبيا جي وڌندڙ واقعن ۾ مسلمان برادري ۽ فردن خلاف نفرت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته هلندڙ سال جي شروع ۾ ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جهڙا ڪڌا واقعا اسل??مو فوبڪ نفرت جا تازه مثال آهن، ان باوجود ان قسم جي اسل??مو فوبڪ نفرت جو بدترين مظهر مسلم مخالف مهم آهي. منير اڪرم امن، رواداري، بين المذاهب ۽ بين الثقافتي ڳالهين کي هٿي وٺائڻ ۽ نفرت انگيز تقرير جو مقابلو ڪرڻ جي عزم تي زور ڀ??يو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ساباڪوروسي نفرت انگيز تقرير جي خاتمي لاءِ وڌيڪ عالمي قدمن تي زور ڀ??يو. هن چيو ته نفرت انگيز تقرير سوشل ميڊيا ۽ آن لائين وڌيڪ پکيڙي رهيا آهن، جنهن سان تشدد ۾ عالمي سطح تي اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ڪمپنيون نفرت انگيز تقرير جي آن لائين مظاهري سان گڏجي اشتهارن مان به فائدو کڻي رهيون آهن. ان مسئلي تي گڏيل قومن جي حڪمت عملي ۽ پلان آف ايڪشن هميشه صحيح رخ ۾ هڪ مضبوط قدم پيش ڪري ٿي. انتونيو گوتريش پنهنجي بيان ۾ چيو ته سڄي دنيا ۾ گڏيل قومن جون آفيسون ۽ ٽيمون حڪمت عملي جي بنياد تي مقامي ايڪشن پلان تي عمل ڪندي نفرت انگيز تقريرن جو مقابلو ڪري رهيون آهن. نفرت انگيز تقريرن خلاف عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب جو اهتمام مراڪش ۽ گڏيل قومن جي نسل ڪشي جي روڪٿام ۽ تحفظ واري اداري جي ذميوارن ڪيو هو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو پيغام نسل ڪشي جي روڪٿام بابت گڏيل قومن جي خصوصي مشير ايلس ويريمونيدريتو پڙهي ٻڌايو.
ڀارت ۾ مسلمانن خلاف رياست جي سرپرستي ۾ نفرت انگيز تقرير، نسل ڪشي جا مطالبا وبائي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن، عالمي برادري ان مهم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام