غزه -09 آڪٽوبر (اي پي پي) فلسطين جي مزاحمتي تحريڪ حماس جي اڳ??اڻ اسماعيل هنيه چيو آهي، ته فلسطين جي مزاحمت ڪندڙن ڪجهه منٽن اندر اسرائيل جي طاقت جي غرور کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. فلسطين ??ي خابرو اداري مطابق ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چ??و ته فلسطين جي مزاحمت ڪندڙن ڪجهه منٽن اندر دشمن جي طاقت جي غرور کي مٽي ۾ ملائيندي طاقت جي توازن تباهه ڪري ڇڏيو ۽ جنگ اسرائيل اندر وڙهي پئي وڃي. هن پوري فلسطيني قوم کي اپيل ڪئي ته جارح ??شمن خلاف پوري تياري سان هر محاذ تي وڙهيو ويندو، هن چ??و ته اسان کي اطلاع مليا آهن ته اسرائيلي دشمن مسجد اقصيٰ ۽ ٻين مقدس هنڌن خلاف هڪ مقدس چال هلي رهيو آهي. مسجد اقصيٰ خطري ۾ آهي ۽ اسان کي ان جو دفاع ڪرڻو آهي. اسماعيل هنيه وڌيڪ چ??و ته حماس ان جنگ ۾ پنهنجي فتح جي دروازي ويجهو پهچي ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں