قاهره-23 نومبر (اي پي پي) مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ اردن جي شاهه عبدالله II وچ ۾ مصر جي گادي واري هنڌ قاهره ۾ مصر اردن سربراهي اجلاس منعقد ٿيو. سعودي خابرو اداري موجب مصر جي ايوان صدر جي سرڪاري ترجمان ٻڌايو ته ٻنهي ??ڳو??ڻن هڪ مباحثي وارو اجلاس منعقد ڪيو، مصر جي صدر اردن جي بادشاهه جي آجيان ڪندي خطي ۾ پيد ٿيل نازڪ حالتن تي روشني ۾ ٻنهي ملڪن جي موقف کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ مسلسل هم آهنگي تي زور ڀريو. سرڪاري ترجمان ٻڌايو ته ٻنهي ??ڳو??ڻن غزه جي پٽي ۾ اعلان ڪيل انساني همدردي جي جنگ بندي جي آجيان ڪئي، مستقل جنگ بندي تائين پهچڻ لاءِ ڀرپور ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو، مناسب انساني امداد کي غزه داخل ٿيڻ جي اجازت ??يڻ جي حوالي سان گڏيل موقف اختيار ڪيو. ٻنهي پاسن کان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل جي تازي قراردادن تي بنا دير جي عمل جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ٻنهي ??ڳو??ڻن ف??سط??ني عوام جي بک ۽ اجتماعي سزا جي پاليسين کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو اعلان ڪيو ته ٻنهي ملڪن طرفان غزه جي پٽي جي ماڻهن کي غزه جي اندر يا ٻاهر بي گهر ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي مڪمل طور تي رد ڪيو وڃي.
قاهره ۾ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ اردن جي شاهه عبدالله II وچ ۾ مصر اردن سربراهي اجلاس منعقد
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ