عمان -17 اپريل (اي پي پي ) اردن جي فوج چيو آهي ته مملڪت جي هوائي حدن کي پر امن ۽ محفوظ رکڻ ۽ ڪنهن به قس?? جي دراندازي جي روڪ ٿام لاءِ فضائي نگراني تيز ڪري ڇڏي آهي .العربيه موجب اردن جي فوج پاران اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ٻئي طرف هفتي جي شام – ايران اسرائيل تي حم??ي دوران اردن جي فضائي حدن کي استعمال ڪندي ڪيترن ئي ڊرونز ۽ ميزائل فائر ڪيا هيا. ان واقعي کان پوءِ اردن جي هوائي فوج هائي الرٽ ٿي وئي آهي. اردن جي فوج جي ترجمان موجب رائل اردن جي هوائي فوج ڪنهن به هوائي دراندازي کي روڪڻ ۽ دفاع لاءِ پنهنجي فضائي حدن ۾ اضافو ڪيو آهي . ترجمان موجب اهو قد?? اردن جي ان مؤقف جي تصديق ڪري ٿو ته اردن جي هوائي حدن کي ڪنهن به مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جي ا??از?? نه ڏني ويندي. ان کانسواءِ اردن پنهنجي هوائي خودمختياري خلاف ورزين جي روڪ ٿام ۽ ملڪ و قو?? جي سلامتي کي لاڳو خطرن جي تدارڪ لاءِ بهتر قد?? ڪندي هٿياربندن جي سرڪاري ترجمان شهرين تي زور ڏنو ته هو سوشل ميڊيا تي ڦهلائيندڙ افواهن تي ڌيان نه ڏين جنهن سان معاشري جا ماڻهن ۾ بي چيني پکڙجي ٿي ان حوالي سان اردني حڪومت ۽ فوج پاران جاري ڪيل معلومات تي اعتبار ڪن .
اردن جي هوائي فوج امڪاني در اندازي جي خطري کي نظر ۾ رکندي نگراني تيز ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام