رياض-24 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي ابها عالمي هوائي اڏي جي سربراهه انجنيئر احمد القحطاني چيو آهي ته ابها انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي سائيلينٽ ايئرپورٽ بڻايو ويندو. ذريعن مو??ب هن چيو ته انفراديت پيدا ڪرڻ ۽ مختلف عالمي هوائي اڏن جي طرز تي ڪم ڪرڻ لاءِ ابها ايئرپورٽ کي سائيلينٽ ڪيو پيو وڃي. ابها ايئرپورٽ گوڙ گهمسان ۽ سمعي آل??دگي کان پاڪ ۽ مڪمل طور تي ڊجيٽلائيز هوندو. ايئرپورٽ جي سمورن اليڪٽرانڪ اسڪرينز تي اڏامن جا وقت ۽ گيٽ نمبر واضح هوندا. ايئرپورٽ ۾ اڏامن لاءِ اعلان نه ٿيندو تنهن هوندي به انتهائي ضرورت تحت مختصر اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته ايئرپورٽ ۾ ڪيترين ئي ٻولين جا اليڪٽرانڪ اسڪرينز لڳل هوندا.
مضمون کا ماخذ : بونانزا