رياض _ 4 سيپٽمبر (اي پي پي )سعودي عرب اسرائيل جي الزامن خلاف مصر جو ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءِ ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فلاڊيلفيا ڪوريڊور جي حوالي سان اسرائيل جي بيانن تي شديد تنقيد ۽ ان جي مذمت ڪئي آهي. سعودي پرڏيهي وزارت ب??ان ۾ ??يو ته اسرائيل طرفان جيڪو ڪجهه ??يو ويو آهي اهو عالمي قانونن ۽ اصولن جي جاري اسرائيلي خلاف ورزين کي جواز فراهم ڪرڻ جي فضول ڪوششن کانسواءِ ڪجهه ناهي. ب??ان ۾ ??يو ويو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم جي الزامن جي جواب ۾ اسان مصر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ مصر جي حڪومت سان گڏ آهيون. سعودي عرب چڙ ڏياريندڙ بيانن جي نتيجي ۾ مصر ، قطر ۽ آمريڪا طرفان غزه ۾ مستقل جنگ بندي لاءِ ڪيل ٽياڪڙي جي ڪوششن کي نقصان پهچ??ئڻ لاءِ ان جي خطري کان پڻ خبردار ڪيو. سعودي پرڏيهي وزارت ??يو ته اسرائيلي دعوى خطي ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ کي وڌائي رهي آهي. پرڏيهي وزارت فلسطيني عوام جي مصيبتن جي خاتمي جي اهميت، 1967ع جي سرحدن تي مشتمل فلسطيني رياست جي قيام ۽ اوڀر بيت المقدس کي ان جي گادي وارو هنڌ بڻ??ئڻ جي عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڀريو.
اسرائيل جي وزيراعظم جي الزامن خلاف مصر جو ساٿ ڏيڻ لاءِ گڏ آهيون: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ