اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اورماڙه واقعي ۾ ملوث دهشتگرد تنظيمن جا ٺڪاڻا ايران ۾ آهن، تصديق ٿيل اطلاعن کانپوءِ ايران سان معلومات جي ??ٽاسٽا ڪئي آهي، اسان وٽ ان واقعي جا مخصوص فرانزڪ ثبوت موجود آهي، بارڊر جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ جي ??اءِ پاڪ ايران سرحد تي ڪنڊيد??ر تار لڳائڻ، نئين ڏکڻ ڪمانڊ جوڙڻ، بارڊر سينٽرز ٺاهڻ ۽ سرحد جي ??گراني جي ??اءِ هيلي ڪاپٽر سر??س شروع ڪرڻ سميت ٻيا قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پريس ڪانفرنس دوران اورماڙه حملي جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته حملي ۾ 14 پاڪستانين کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو، جنهن ۾ 10 پاڪستان نيوي، 3 پاڪ فضائيه ۽ هڪ پاڪستان ڪوسٽ گارڊ جو جوان هو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے