اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ و??اق?? ڪابينا جي اجلاس ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن جو جائزو ورتو ويو ۽ آرٽيڪل 255 ۾ ترميم ذريعي لفظ مدي ۾ واڌ جي اضافي جي منظوري ڏني وئي. و??اق?? ڪابينا وزيراعظم عمران خان جي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي آهي. و??اق?? وزير شفقت محمود، شيخ رشيد احمد ۽ وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ و??اق?? ڪابينا جي هنگامي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت واري و??اق?? وزير شفقت محمود ڪابينا اجلاس جي حوالي سان ٻڌايو ته و??اق?? ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس، عدا??ت جي آبزرويشن ۽ نوٽيسز جاري ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.
وفاقي ڪابينا آرٽيڪل 255 ۾ ترميم جي منظوري ڏني آهي: شفقت محمود
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن