اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪس??ان فلسطين جي مسئلي تي واضح موقف اختيار ڪيو آهي، مسلمان امت ۾ فلسطين جي صورتحال تي تمام گهڻي بي چيني آهي، پاڪس??ان پهريون اسلامي م??ڪ آهي جنهن فلسطين جي مسئلي تي تمام گهڻو سخت ۽ واضح موقف اختيار ڪيو، پاڪس??ان جي م??قف کي پوري مسلمان امت تسليم ڪري ٿي، فلسطين کي م??ڊيڪل ايمرجنسي جي صورتحال درپيش آهي، پاڪس??ان فلسطين جي امداد ڪندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت چار مسلمان ملڪن جا پرڏيهي وزير گڏجي نيويارڪ ويندا، راولپنڊي رنگ روڊ کي اٽڪ رنگ روڊ بڻايو ويو، منصوبي جي الائنمينٽ جي تب??يلي تي وزيراعظم جاچ جو حڪم ڏنو، الائنمينٽ تب??يل ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ ج?? ڪوشش ڪئي وئي، رپورٽ ۾ غلام سرور خان ۽ ذوالفقار عباس بخاري جو ذڪر نه آهي، ذوالفقار عباس بخاري جاچ مڪمل ٿيڻ تائين پنهنجي عهدي ??ان استعيفيٰ ڏني، اينٽي ڪرپشن ۽ لاڳاپيل ادارا معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪندا، شفاف چونڊن جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين لازمي آهي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تي پنهنجي پوزيشن واضح نه ڪري رهيون آهن، تحريڪ انصاف اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، وفاقي ڪابينا پاڪس??ان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 70 سال جي م??قعي تي 70 رپين جو يادگاري سڪو جاري ڪرڻ ۽ ميسرز فلائي جناح سروسز لميٽيڊ کي ريگيولر پبلڪ ٽرانسپورٽ لائيسنس (پيسنجر اينڊ ڪارگو) ڏيڻ جي م??ظوري ڏني. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.
پاڪستان فلسطين جي مسئلي تي واضح موقف اختيار ڪيو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا