اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر جرئت ڪندي پنهنجي ۽ نواز شريف جي سزائن جي خلاف التوا وٺڻ بدران روزانو جي بنياد تي ٻڌڻي جي درخواست ڏي، روڄ راڙي ??ان ڪجهه ٿيڻ وارو نه آهي، هڪ ئي رستو آهي نواز شريف پاڪستان اچي ۽ عدالت پاران ڏنل سزا ڀوڳي، چاچو قومي حڪومت ۽ ڀائيٽي قومي مفاهمت جي ڳالهه ڪندي نظر اچي ٿي، شين تي ميم حاوي ٿي وئي آهي، نواز شريف پولو مئچ، شاديون اٽينڊ، پارڪ ۾ واڪ ۽ اتي ويهي ملڪي ادارن جي خلاف ڳالهه ڪري ٿو، انهن جون شاديون، پورا خاندان، ڪاروبار ملڪ کان ٻاهر آهن ته پاڪستان ڪنهن جي ??اءِ اچن ٿا، اهي ماڻهو اقتدار ۾ رڳو ڦرلٽ ڪرڻ اچن ٿا، (ن) ليگ سياست کي پنهنجو ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. اهم ملڪي ۽ سياسي معاملن تي ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ايون فيلڊ فيصلن ۽ سزائن جي خلاف اپيلن جي ??ڌڻي اڄ ٿي، انهن پاران 7 سال سزا جي خلاف اپيل ۾ 10 ڀيرا التوا ورتو ويو، قانون کان ڀڄڻ جو ڪهڙو سبب آهي، هڪ طرف نواز شريف کي سزا ٿي ته هو ملڪ مان ٻاهر ويٺل آهي ٻئي طرف مريم صفدر التوا جي ??ٺيان لڪي رهي آهي. هن چيو ته قطري خط انهي ڪيس ۾ آندو ۽ پنهنجو مذاق بڻايو هو. ايون فيلڊ محل جي بينيفشل آنر مريم آهي، مريم چيو هو ته لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا پراپرٽي نه آهي جيڪو مذاق بڻجي ??يو. هن چيو ته انهن م??جب اقتدار ?? اچو مال ٺاهيو، مخالف ڌر ۾ وڃو ته انتقام جو گوڙ ڪريو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جولاءِ 2018ع ۾ شريف فيملي پاران سزائن جي خلاف اپيل داخل ڪئي، ڪيڏو سٺو ٿئي ها ته اهي التوا بدران ڪيس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ها، هاڻي اها ڪهاڻي نه هلندي، شهباز شريف تي ٽي ٽيز، مريم صفدر تي ايون فيلڊ ڪيس آهي، انهن ٻنهي هٿن ??ان ڦريو آهي، انهن جو رستو هڪ ئي آهي ته سزائن جي عمل مان گذرن. هن چيو ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ ميڊيا جي ترقي تي ڪم ڪري رهي آهي، حڪومت سمورن صحافين ??ان گڏجي ??ي ٽي ايم اي پارليامينٽ ۾ آڻي رهي آهي. هن چيو ته صحافين جي تحفظ جو هڪ بل بلاول جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ رڪيل آهي.
مريم صفدر جرئت ڪندي پنهنجي ۽ نواز شريف جي سزائن جي خلاف التوا وٺڻ بدران روزانو جي بنياد تي ٻڌڻي جي درخواست ڏي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ