اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ڪرغزستان ۾ مقرر پا??ستاني سفير سردار اظهر طارق خان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، سردار اظهر طارق گذريل ٻن سالن دو??ان کنيل سفارتي قدمن، رابطن جي فروغ لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ سفارتخاني جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پرڏيهي وزير کي مفيد بريفنگ ڏني.
پرڏيهي وزير ??يو ته پا??ستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، جڏهن ته پا??ستاني شاگردن جو وڏو تعداد ڪرغزستان ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، شاهه محمود قريشي ??يو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستانين جي ڀلائي اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻيندي پا??ستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو،
ڪرغزستان ۾ مقرر پا??ستاني سفير سردار اظهر طارق خصوصي هدايتن تي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندا پا??ستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجون سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.