لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياسي محاذ تي پهريون ۽ اهم مرحلو اسلا?? آباد آهي، حڪومت سياسي محاذ تي پُراعتماد ۽ مستحڪم آهي، پنجاب جي سياسي صو??تح??ل تي ت??صي??ي مشاورت سان فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??لاقات ۾ ملڪي سياسي صو??تح??ل تي ت??صي??ي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ ملاقات ۾ صوبي جي انتظامي معاملن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان وفاقي وزيرن مخدوم شاهه محمود قريشي، اسد عمر، شفقت محمود، مخدوم خسرو بختيار ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل سان گڏ خميس ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتو .
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں