اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري جي هدايتن تي اڳ ۾ ئي پاڪستاني سفارتخانو زائرين سان مڪمل رابطي ۾ آهي، اٽڪل 300 زائرين شام ۾ ڦاٿل آهن، سمورن پاڪستانين جي وطن ??اپسي جي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پاڪستاني سفارتخانو ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) عملدار به مڪمل رابطي ۾ آهن. شام ۾ فضائي آپريشن معطل ٿيڻ کانپوءِ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن ??اپسي جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته (سڀاڻي) سومر 13 جون 2022ع تي 160 ماڻهو پي آءِ اي جي ذريعي اليپو ايئرپورٽ (دمشق کان اٽڪل 150 ڪلوميٽر پري) کان پاڪستان ??ڃڻ جي لاءِ تيار آهن. پاڪستاني سفارتخاني دمشق کان اليپو تائين مسافرن جي اچ وڃ جو بندوبست ڪيو آهي جڏهن ته باقي 140 زائرين پاڻ عراق ويندا.
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل