اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت معيشت کي ڏاولپڻي کان بچائي ورتو آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري معاهدو مستقبل جي واپاري لاڳاپن جو رخ متعين ڪندو، ٽن سالن ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين کڻي وينداسين، د??آم??ي ٻارڻ تي خرچ ٿيڻ قيمتي پرڏيهي ??اڻو بچائڻ جي لاءِ پن بجلي، شمسي توانائي ۽ هوا سان بجلي پيدا ڪرڻ جهڙن متبادل ذريعن تي دارومدار ڪنداسين، ترڪ ڪمپنيون پاڪستان ۾ پن بجلي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪن، سيڙپڪاري جي ??اهه ۾ هر قسم جي ??ڪاوٽن جو خاتمو ڪيو ويندو، منافعي جي منتقلي ۾ دير نه لڳندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي واپار واري وزير مهمت موش جي مان ۾ مانجهاندي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه سان اسان مصنوعات جي واپار جي ??اريخي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي ??هنمائي ۽ پاڪستان حڪومت جي ??عاون سان واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ترڪيه جي واپار واري وزير مهمت موش ۽ سندس ٽيم وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هي ??عاهدو اسان جي ڀائيچاري ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو مضبوط عڪاس آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل احترام ۽ صدين تي ٻڌل آهن پر اسان جو ٻطرفو واپاري ڪاٿو انهن مثالي لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿو رکي، ان معاهدي سان اسان جي مستقبل جي واپاري لاڳاپن جو رخ متعين ٿيندو ۽ ٻنهي ??لڪن جي ڪاروباري طبقن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو ايندڙ ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر تائين وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته مئي ۾ ترڪيه جي ??وري جي ??وران سندس شاندار آجيان ڪئي وئي هئي، اتي ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ٿيون، ڪاروباري طبقي جي لاءِ هي ??عاهدو هڪ وڏو موقعو آهي، ان مان انهن کي فائدو کڻڻ گهرجي، ترڪيه جو پن بجلي جو منصوبو لڳائڻ ۾ وڏو تجربو آهي ۽ ملڪ ۽ ٻاهرئين ترڪيه جي ڪمپنين اهي ??نصوبا لڳايا آهن، اسان پاڪستان ۾ ترڪ ڪمپنين کي پن بجلي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي ??عوت ڏيون ٿا، انهن جي ??يڙپڪاري جي ??جيان ڪئي ويندي، پاڪستان ۾ پن بجلي جي پيداوار جا وسيع موقعا آهن پر انهن مان اڃا تائين پوري طرح فائدو ناهي کنيو ويو. هن چيو ته اسان جو ٻارڻ جو د??آم??ي بل 20 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي جنهن کي پاڪستان برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ متبادل توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي وسيلن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ پن بجلي، شمسي توانائي ۽ ونڊ پاور جي پيداوار وڌائڻ جا پاڪستان ۾ وسيع موقعا موجود آهن، هاڻي اسان 500 ۽ 600 ميگاواٽ سولر منصوبن ۽ ڪجهه سئو ميگاواٽ ونڊ پاور منصوبن مان حاصل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته معيشت کي بهتر بڻائڻ حڪومت جي لاءِ هڪ چئلينج آهي، حڪومت جي موثر قدمن جي نتيجي ۾ اسان معيشت کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي ??ر اڃا تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ باقي آهي، مشڪلاتون ضرور آهن پر اهو ڪم ناممڪن نه آهي. وزيراعظم چيو ته شمسي توانائي وقت جي ??رورت آهي، ٽيوب ويل ۽ اهم سرڪاري عمارتُون شمسي توانائي تي منتقل ڪري سگهون ٿا، سولر توانائي کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پ??رٽ??رشپ جي ??روعات ڪئي پئي وڃي، شمسي توانائي ذريعي ٻارڻ تي خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ??اڻو بچائي سگهجي ٿو، سرڪاري ۽ نجي ??صيداري سان 5 هزار کان 6 هزار ميگاواٽ جا سولر پارڪس لڳائي سگهجن ٿا، ان کانسواءِ غريب خاندانن جي لاءِ سولر پينلز جي فراهمي جهڊا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم ترڪيه جي واپار واري وزير کي چيو ته هو پنهنجي ملڪ جي مينوفيڪچررز ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان موڪلين، اسان لاڳاپيل وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن سان ملاقاتن جو انتظام ڪري وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ انهن منصوبن تي ڪم جي ??روعات ڪرڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته ان مقصد جي لاءِ ترڪيه، اسلامي ملڪن، اتر آمريڪا، ڏکڻ ايشيا ۽ اوڀر بعيد ۾ هر جڳهه پنهنجي ??وستن ۽ حصيدارين سان ڳالهائينداسين، آئون ضمانت ڏيان ٿو ته سيڙپڪارن کي انهن جو منافعو ۽ ٻيون ادائيگيون اسٽيٽ بئنڪ ۽ لاڳاپيل بئنڪن ذريعي فوري ٿينديون ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا رڪاوٽ نه ايندي، ڳاڙهو ڦيٿو رڪاوٽ نه ٿيندو ۽ انهن منصوبن جي لاءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي پاڻ نگراني ڪندس. وزيراعظم چيو ته اسان کي گڏجي پنهنجون توانايون ۽ وسيلا وڌندڙ د??آم??ي بل تي خرچ ڪرڻ بدران سستي توانائي جي ??ريعن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ??نهن سان اسان جي ??رعي، صنعتي ۽ ٻين شعبن کي به فائدو ٿيندو ۽ سستي توانائي ملندي.
حڪومت معيشت کي ڏاولپڻي کان بچائي ورتو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی