اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 23 جنوري 2023ع تي بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون جي انڪوائري رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪئي وئي، انڪوائري رپورٽ ۾ انساني غفلت ۽ بجلي جي پهچ جي نظام ۾ موجود خرابيون بنيادي سبب قرار ڏنا ويا آه?? جڏهن ته وزيراعظم چيو آه?? ته قوم منتظر آه?? ته پاور بريڪ ڊائون جي ذميوار?? کي انهن جي ان سنگين لاپرواهي تي قرار واقعي سزا ڏني وڃي، ڪيپڪو جي پاور ??رچيز معاهدي جي وقت سر تجديد ڇو نه ڪئي وئي، بجلي جي پيداوار ۽ پهچ جي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان ??ڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا کي 23 جنوري 2023ع تي ملڪ گير پاور بريڪ ڊائون جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اها رپورٽ وزيراعظم جي هدايت تي قائم ڪيل چار رڪني انڪوائري ڪميٽي جوڙي جنهن جي سربراهي پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ ڪري رهيو هو. رپورٽ ۾ نه رڳو ان ??اقعي جا بنيادي سبب ٻڌايا ويا آه?? پر ان حوالي سان ذميوارن جي نشاندهي ۽ اڳتي اهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون ويون آه??. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 23 جنوري 2023ع جي صبح ساڍي 7 وڳي کان بجلي جو بريڪ ڊائون پاور ??لانٽس جي ٽرپ ٿيڻ سان رڳو چار منٽ ۾ پوري ملڪ ۾ پکڙجي ويو. ان جو بنيادي سبب انساني غفلت هئي جيڪو رات جو بند ڪيل اي سي سرڪٽس کي صبح جي وقت سوئچ آن نه ڪرڻ هو. جيئن ئي ملڪ جي اتر ۾ بجلي جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ علائقي ۾ ونڊ انرجي سان ??يدا ڪئي ويندڙ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي ته اي سي لائين جي فريڪوئنسي غيرمعمولي طور تي وڌي وئي. ان ??ريڪوئنسي ۾ هڪدم اضافي سان ??ختلف پاور ??لانٽس خودڪار سيڪيورٽي سسٽم تحت ٽرپ ڪري ويا. پاور ??لانٽس کي بليڪ اسٽارٽ سسٽم ذريعي ري اسٽارٽ ٿيڻو هو پر ان ??ظام جي ناڪامي جي ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي بحالي ۾ تمام گهڻي دير ٿي. وڌيڪ اهو ته اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪوٽ ادو پاور ڪميٽي جنهن وٽ بليڪ اسٽارٽ جي سهولت موجود آه?? پر ان ??اور ??لانٽ جي معاهدي جو مدو ختم ٿي چڪو آه??. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قوم منتظر آه?? ته ان ??ڏي واقعي جي ذميوار?? کي انهن جي ان سنگين لاپرواهي تي قرار واقعي سزا ڏني وڃي. هن هدايت ڪئي ته پاور ڊويزن ان ڏوهاري غفلت جي مرتڪب اهلڪارن جي خلاف فوري طور تي محڪماڻي ڪارروائي ڪري. وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته ڪيپڪو جي پاور ??رچيز جي معاهدي جو مدو جيڪڏهن ختم ٿي چڪو هو ته ان ??عاهدي جي تجديد جي لاءِ ضروري ڪارروائي ۾ دير ڇو ڪئي وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدار?? کي اها به هدايت ئي ته بجلي جي نظام کي سپروائيزري ڪنٽرول اينڊ ڊيٽا ايڪوزيشن (ايس سي اي ڊي اي) سان ڳنڍڻ جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته پاور ڊويزن ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا بجلي جي پيداوار ۽ پهچ جي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان ??ڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي ڪابينا جي منظوري لاءِ پيش ڪن. وفاقي ڪابينا کي بجلي چوري ۽ لائين لاسز جي حوالي سان ??اور ڊويزن هڪ تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي پاور ڊويزن پاران تجويز ڏني وئي ته اهڙا علائقا جتي لائين لاسز 60 سيڪڙو ۽ ان کان ??ڌيڪ آه?? اتي صورتحال کي ضابطي ۾ آڻڻ جي لاءِ هڪ خصوصي پوليس فورس جوڙي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ بجلي سان ??لندڙ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جو منصوبو غور ??يٺ آه?? جنهن جي شروعات سڀ کان اڳ بلوچستان کان ڪئي ويندي. وزيراعظم بجلي چوري، لائين لاسز کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ۽ بجلي سان ??لندڙ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي حوالي سان ??ڪ خصوصي ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.
سڄي ملڪ ۾ 23 جنوري 2023ع تي بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون جي انڪوائري رپورٽ ڪابينا ۾ پيش، انڪوائري رپورٽ ۾ انساني غفلت ۽ بجلي جي پهچ جي نظام ۾ موجود خرابيون بنيادي سبب قرار، وزيراعظم پاران پاور بريڪ ڊائون جي ذميوارن کي سنگين لاپرواهي تي سزا ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil