اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته سوڊان م??ن هڪ هزار پاڪستانين جو خرطوم ۾ پاڪستان?? سفارتخاني جي اڻٿڪ ڪوششن سان حفاظت سان انخلا عمل ۾ آندو ويو آهي. پرڏيهي آفيس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سوڊان ۾ پاڪستان جي سفير مير بهروز ريگي جي قيادت ۾ پاڪستانين جي انخلا جي عمل کي سعودي عرب ۽ چين جي مدد سان جده ۽ اسلام آباد ۾ اسان جي ٽيمن جو تعاون ??اصل رهيو جنهن جي نتيجي ۾ اسان ڪاميابي سان حفاظت س??ن هڪ هزار پاڪستانين جو سوڊان مان انخلا عمل ۾ آندو ويو آهي. پرڏيهي آفيس موجب ان سان گڏ ئي سوڊان مان اسان جي انخلا ج??ن ڪارروايون ??تم ٿي ويون ??هن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آخري پاڪستاني جي حفاظت سان واپسي تائين جده رستي انخلا جو عمل جاري رهندو.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش