اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ڪوريا ۽ سريلنڪا سان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو، آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صد?? جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار ڏکڻ ڪوريا ۽ سريلنڪا جي سفيرن سان الوداعي ملاقات دوران ڪيو. صد?? جمهوريه ڪوريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سوه سنگ پيو سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ڪوريا سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ سمورن حصيدارن کي ڀليڪ??ر چوي ٿو، پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو، پاڪستان ڪوريا سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. صد?? ڪوريا سان ثقافتي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ڪوهه پيمائي ۽ مذهبي سياحتي جايون رکندڙ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ڪورياجي سياحن کي ٻڌمت جي جاين جي سير ڪرڻ جي لاءِ ??ليڪ??ر چوندو، گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت جي مقدس جايون ڪورين سياحن جي لاءِ ??شش جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. صد?? سريلنڪا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ??مشنر موهن وجيوڪرما سان ڳالهائيندي چيو ته سريلنڪا ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪست??ن جو ٻيو وڏو واپاري حصيدار آهي، آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن ??ي سارڪ جي بحالي لاءِ راهون ڳولڻ گهرجن. صد?? چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڏکڻ ايشيا ۾ غربت جي خاتمي، امن ۽ ترقي جي لاءِ ??ڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي هڪ ٻئي جي حمايت خوش آئنده آهي. صد?? اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جو عالمي فورمن تي تعاون جاري رهندو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون بهتر بڻائڻ ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفيرن جي ڪردار ??ي ساراهيو.
پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ۽ آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا