اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن ۽ سندن خاندانن جي حب الوطني جي جذبي ۽ ايثار کي سلام پيش ڪندي قوم پاران شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار 12 جولاءِ تي زوب ڪينٽ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صد?? حوالدار محمد عثمان، صوبيدار سڪندر ۽ نائب صوبيدار مص??فيٰ جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ گل حميد ۽ نائيڪ جاويد شهزاد جي گهرڀاتين سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صد?? سپاهي محمد يوسف، فهيم ۽ مقصود جي وارثن سان به ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صد?? شهيدن جي فرض سان لگن ۽ وطن جي لاءِ قربانين جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شهيدن جي ب??ند درجن جي لاءِ ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
صدر پاران شهيدن ۽ سندن خاندانن جي حب الوطني جي جذبي ۽ ايثار کي سلام پيش
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی