اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماڻهن کي آسان، سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي جي لاءِ وفاقي محتسبن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته تڪرارن جي متبادل حل ??ان عدالتي نظام تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، محتس?? جي ڪردار جي اهميت جي ڏس ۾ ان بابت ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان مان فائدو کڻي سگهن. هن چيو ته وفاقي ??نش??رنس محتسب آسان ۽ فوري انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??ام ماڻهن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪم ڪري رهيو آهي. ايوان صدر ۾ ”??نش??رنس محتسب ۽ در تي تيز رفتار انصاف جو تصور“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پنج محتسب بشمول وفاقي محتسب، وفاقي ??نش??رنس محتسب، وفاقي بئنڪنگ محتسب، وفاقي ٽيڪس محتسب ۽ هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتس?? جي آفيس جي ماتحت ڪم ڪري رهيا آهن. ”??نش??رنس محتسب ۽ در تي تيز رفتار انصاف جو تصور“ سيمينارز جي سيريز جو هڪ حصو آهي جنهن ۾ ??نش??رنس جي شعبي سان گڏوگڏ ڪاروباري برادري جي اعليٰ شخصيتن کي پڻ گهرايو ويو ته جيئن ??نش??رنس جي ڪاروبار ۾ بهتري ۽ شفافيت جي لاءِ قيمتي راءِ ۽ ويزن پيش ڪن. صدر عارف علوي چيو ته انهن جي ذاتي ڪوششن جي ڪري ماڻهن ۾ محتس?? جي ڪردار بابت آگاهي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي پر پوءِ ??ه هن ان بابت وڌ کان وڌ ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن محتس?? جي ڪردار ۽ ذميوارين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته محتس?? جي سٺي فيصلن کي قومي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي عام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته لاعلمي ڪو بهانو نه آهي ان جي لاءِ ??وام کي متبادل ذريعن سان انصاف حاصل ڪرڻ جي مختلف طريقن بابت ڄاڻڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ڪيترن ئي معاملن ۾ ڪم جي وڌيڪ بار ۽ نظام جي ٻين ڪمزورين جي ڪري عدالتن ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين فيصلا التوا هيٺ رهن ٿا، ان جي لاءِ هن ماڻهن کي ان محتسب سان رجوع ڪرڻ جي اپيل ڪئي جيڪو آسان، وڌيڪ تيز ۽ سستي انصاف جي فراهمي جو ذريعو آهي. هن چيو ته تڪرارن جو متبادل حل ??دالتي نظام تي بار گهٽ ڪرڻ جو طريقو آهي. هن ??نش??رنس ڪمپنين جي مالڪن کي به اهو چيو ته اهي عوام جي لاءِ ??هتر پروڊڪٽس پيش ڪن ته جيئن ماڻهن جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي ۽ ماڻهن ۾ ??نش??رنس ڪمپنين بابت شڪ کي ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته عام ماڻهن ۾ ??نش??رنس بابت اعتماد کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي وفاقي ??نش??رنس محتسب ڊاڪٽر خالد جميل چيو ته ايف آئي او جي آفيس فوري انصاف جي فراهمي جي تصور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ??نش??رنس محتس?? جي پهچ کي هيٺئين سطح تائين وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان شڪايت ڪندڙن کي انهن جي مسئلن کي خوش اسلوبي سان ۽ گڏيل حل ??ي ذريعي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته گذريل سال دوران وفاقي ??نش??رنس محتسب شڪايت ڪندڙن جا مسئلا حل ڪيا ۽ 2.57 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو.
ماڻهن کي آسان، سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسبن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔