اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر به موجود هئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي نگران وزي??اع??م چيو ته عالمي بئنڪ پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن خاص طور تي بلوچستان جي ڏورانهن جلائقن جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته پٺتي پيل علائقن کي ملڪ جي ٻين حصن وانگر ترقي جي راهه تي گامزن ڪري. نگران وزي??اع??م چيو ته عالمي بئنڪ 2022ع جي شديد ترين ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي م??د ۽ بحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، متاثر علائقن ۾ جاري بحالي جي ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن ا??تظامي مدد فراهم ڪندي. ناجي بن حسين وزي??اع??م کي عالمي بئنڪ جي بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي ڪمن ۽ جنيوا ۾ عالمي بئنڪ پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اعلان ڪيل امدادي رقم جي فراهمي جي حوالي سان اڳڀرائي کان تفصيلي طور آگاهه ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : loteria estadual