نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي قرارد??دن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي س??ڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم گذريل سال پاڪستان ۾ ٻوڏ دوران سندس اڻٿڪ حمايت ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فريم ورڪ (فور آر ايف) تي جنيوا ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني تي س??ڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي س??گين خطرن جي ڏس ۾ ترقي يافته ملڪن پاران موسمياتي مالياتي واعدن جي تڪميل جي اهميت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي س??ڪريٽري جنرل کي پاڪستان ۾ خصوصي س??ڙپڪاري س??ولت ڪائونسل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جنهن جو مقصد ملڪ جي مضبوط اقتصادي بحالي جي لاءِ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. نگران وزيراعظم پائيدار ترقي جي هدفن کي سگهه ڏيڻ ۽ ايس ڊي جيز ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تجويز ڪيل قدمن جي لاءِ گڏيل قومن جي س??ڪريٽري جنرل جي عاليم مالياتي تبديلي جي مطالبي کي ساراهيو. نگران وزيراعظم 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو ذڪر ڪندي س??ڪريٽري جنرل کي ڀارت پاران جاري انساني حقن جي س??گين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي قرارد??دن تي عملدرآمد ڪرائڻ تي زور ڏنو.
ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ