بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سياسي، ا??تص??دي، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ٿيو. ان موقعي تي نگران وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عمل??ار موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن مضبوط ۽ پراڻي پاڪ چين لاڳاپن جو ذڪر ڪندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي، ا??تص??دي، تعليم جي شعبي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزيراعظم چيني قيادت کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي شان??ار انعقاد تي مبارڪباد ڏني. بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي ??ي صلاحيت جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو مواصلاتي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي ڪري پوري ??ني?? جي لاءِ اهميت رکي ٿو. ٻنهي اڳواڻن چين پاڪستان ا??تص??دي لنگهه (??ي پيڪ) جي ڏس ۾ پاڪ چين تعاون ۽ معاشي رابطن جي فروغ ??ي صلاحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين پاڪستان ا??تص??دي لنگهه جي پاڪستان جي معيشت جي لاءِ اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته ??ي پيڪ پنهنجي تعمير جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ صنعتي ترقي، روز??ار جي فراهمي جا منصوبا، مع??ني??ت، آءِ ٽي ۽ زراعت جي ترقي شامل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي خصوصي ا??تص??دي زونز ۾ چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري سان پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ صنعتي صلاحيت وڌندي. وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪ چين لاڳاپن جي فروغ ۽ چين پاڪستان ا??تص??دي لنگهه جي تعميراتي ۽ ترقي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان اميد جو پڻ اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي هم آهنگي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ا??تص??دي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندي. ٻئي وزيراعظم چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيا. انهن شعبن ۾ ڪامرس، مواصلات (ايم ايل ون)، غذائي تحفظ ۽ تحقيق، ميڊيا مٽاسٽا، خلائي تعاون، پائي??ار شهري ترقي، صنعتي تعاون، افرادي قوت ??ي صلاحيت ۾ اضافي، مع??ني??ت جي ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ ويڪسين ٺاهڻ جا شعبا شامل آهن.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔