اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي س??ڙپ??اري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) سميت سمورين ??اڳ??پيل ڌرين جي معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نگران حڪومت جي معاونت کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ ايس آءِ ايف سي جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خصوصي س??ڙپ??اري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو نائون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، صوبائي وڏن وزيرن ۽ ??اڳ??پيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن ملڪ ۾ س??ڙپ??اري جي حوالي سان جاري منصوبن، پاليسي قدمن ۽ س??ڙپ??اري جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ايپڪس ڪميٽي انهن منصوبن ۽ پاليسي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مجموعي حڪومتي حڪمت عملي تحت مقرر ڪيل هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڪميٽي ملڪ جي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن جو مجموعي طور تي جائزو ورتو ۽ انهن جي ڪاميابي کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪميٽي ملڪ ۾ س??ڙپ??اري جي فروغ ۽ ان جي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ قدمن، افرادي قوت جي ترقي، مواصلاتي بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ مقامي تڪرارن جي حل لاءِ موثر طريقيڪار سان هڪ پائيدار نظام ٺاهڻ کي پڻ ساراهيو. ڪميٽي دوست ملڪن سان اقتصادي ??اڳ??پن تي اڳڀرائي جو جائزوو ٺندي انهن پاران س??ڙپ??اري مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي پڻ ساراهيو. ڪميٽي اجلاس ۾ اس??ريٽجڪ ڪنالز ويزن 2030ع ۽ ايف بي آر سڌارن جي منظوري ڏني. آرمي چيف پاڪ فوج پاران ملڪ ۾ معاشي استحڪام ۽ ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي بهتري جي لاءِ حڪومتي قدمن جي ڀرپور ساٿ جي عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس جي پڄاڻي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي س??ڙپ??اري سهولت ڪائونسل، سمورين وزارتن، ادارن ۽ سمورين ??اڳ??پيل ڌرين جي معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نگران حڪومت جي معاونت ۽ مستقبل جي لاءِ هڪ عمده مثال قائم ڪرڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ خصوصي س??ڙپ??اري سهولت ڪائونسل جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي.
ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ ايس آءِ ايف سي جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil