لاهور – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين جين يا??گشينگ لاهور ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڪمپني پاڪستان ۾ 300 ارب رپين جي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪا??وب??ري برادري ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين وڌيڪ ٻڌايو ته سيڙپڪاري کانپوءِ 2025ع ۾ ڪمپني پاڪستان مان 100 ملين ڊالر جا ٽائر برآمد ڪري سگهندي ۽ ان سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جي سيڙپڪاري ۽ ڪا??وب??ر دوست پاليسين تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن ٽائرز جي اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ حڪومتي قدمن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سروس لانگ مارچ ٽائرز جي پاڪستان ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگهه ڏيڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي اضافي جي لاءِ حڪومت ترجيحي ??نيادن تي قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪا??وب??ري برادري ۽ سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ شريڪ هئا.
وزيراعظم سان سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena